Friday, August 6, 2021

خوشيون مَنَ جي اندر

 

خوشيون مَنَ جي اندر

چوندا آهن خوشي من جي اندر آهي،

ٿورو ڳولهجي ته ظاهر ٿي پوندي آهي،

ڪير ٻڌائي ته ڪيئن ڳولهجي،

جيڪي ماڻهو ڳولهي ويٺا آهن اهي رستو ڏيکارن ڀلا،

يا جيڪي ڳولاھ لاءِ پاڻ کي جھنجھوڙي چڪا آهن،

اهي ٻڌائن ته ڪيتري خوشي ملي آهي انهن کي پنهنجي مَنَ ۾؟

مان ته اڄ تائين اهيي ڳالهون صرف ڪتابن ۾ پڙهيون آهن.

هر ماڻهو خوشي ٻاهر ڳولهيندو آهي.

ايترن ماڻهن سان ملي آهيان جو اندازو يا نمبر نه ٿي ٻڌائي سگھان. انهن مان ڪجھ آهن جيڪي هر وقت خوشي مَنَ جي اندر آهي جو درس ڏيندا آهن، پر انهن کي ڏسي دل مڃڻ لاءِ راضي ئي نه آهي ٿيندي ته اهي پاڻ خوش آهن.

بحرحال...............خوشي مَنَ جي اندر آهي.

اهو ڪيئن؟

جڏهن مونکي ڪير چوندو آهي ته تون اداس ٿي لڳي، مان سوچيندي آهيان اداس هجڻ غلط آهي ڇا؟

هر وقت ڀاڪُر ڏندن جو ڪڍي کلڻ ئي خوشي آهي؟

ڪڏهن ڪڏهن خوشي محسوس ڪرڻ لاءِ به خاموشي ۽ تنهائي کپندي آهي، اهي احساس اڪيلائي ۾ ئي محسوس ٿيندا آهن.

مَنَ جي اندر خوشي سُٺي لمحات سان ايندي آهي، هلندڙ وقت جي ڪجھ رحمتن تي شڪر ڪرڻ سان ايندي آهي، گزريل وقت ۾ آيل مصيبتن کي دليري سان منهن ڏيڻ تي ايندي آهي. پنهنجي پاڻ کي سٺي جڳھ، سٺي ماڻهن، ۽ سٺي ماحول ملڻ تي خوشي محسوس ٿيندي آهي. پنهنجا ننڍا ننڍا خواب ۽ خواهشون پنهنجي پئسن سان پوريون ڪرڻ سان خوشي ملندي آهي، نئين ڏينهن نئين اميدن ۽ جذباتن سان جاڳڻ مان خوشي ملندي آهي. ڪجھ ماڻهن لاءِ توهان اهم آهيو اهيو سوچي خوشي محسوس ٿيندي آهي. توهان جا ڏک ٻيا سمجھن ۽ توهان جو سهارو بڻجن، اهيا سوچ خوشي ڏيندي آهي.

 انهن خوشين کي مَنَ جي اندر ڳولهڻ لاءِ وقت ڪڍي، اڪيلائي م ويهي، دنياوي ڳالهين کان پري ٿي سوچڻو پوندو آهي، تڏهن ئي خوشي مَنَ واري ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي. نه ته مَنَ جي اندر خوشي پاڻ ئي ٿوڙي ايندي!