Saturday, December 5, 2020

ٿرپارڪر ٽريننگ

 

ٿرپارڪر ٽريننگ:

آچر جي ڏينهن بتاريخ 14_09_2020 ، MTB-MLE اڌ ٽيم سان گڏجي ٿرپارڪر، ٽي سي ايف ۽ ٽي ايف جي استادن جي ٽريننگ جي صفر تي نڪتم. دل ۾ ڪافي وسوسا ۽ خوف به هئا ته پهريون دفعو مان ٽريننگ ڪرائيندم ۽ اها ٽريننگ ٻولي سيکارڻ جي هوندي. منهنجي لاءِ ٽريننگ جي تياري ڪرڻ ئي نئين ڳالھ هئي ته هتي ٽريننگ ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ EYRD ۽ ڪجھ ٻين شين جي لاءِ به ذميداري ملي هئي جنهن جي لاءِ عديل سان گڏ 11 ڏينهن تائين مونکي هتي رهڻو هيو_ ان لاءِ ذهن ۽ دل گڏو گڏ ڪشمش جو شڪار هئا.

مونکي ٽريننگ سان منسلق جيڪي به خدشات هئا پر جڏهن هِن خوبصورت ۽ پُر جوش صفر تي نڪتاسين ته سڀ ڊڄ ۽ خدشات ڄڻ ڪنهن خلا ۾ غم ٿي وي. صفر ڏاڍو سٺو گزريو، مِٺي ۾ گاڏي خراب ٿيڻ جي ڪري ڪجھ وقت انظار ڪرڻو پيو. شام جي تقريبن 7 وڳي اسان ٽي سي ايف اسلامڪوٽ جي اسڪول پهتاسين جتي اسان کي ايندڙ 9 ڏينهن ٽريننگ ڪرائڻي هئي. ايڊمن سان ملي اسڪول جي انتظامن ۽ ماني وغيره جو پُڇي اسان ٿر لاج وياسين ۽ ٿوڙي دير آرام ڪري، رات جي ماني کائي ٻئي ڏينهن جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيوسين.

اسان صبح سوير اسڪول پهتاسين، اسڪول پهنچي سڀ انتظام ڏسڻ کان پوءِ تقريبن 9:30 تي اسان ٽريننگ شروع ڪئي. ڪل 31 پارٽيسيپينٽس هئا، 13 ٿر فائونڊيشن جا ۽ 18 ٽي سي ايف جا. ٽي ايف جا 10 مرد پارٽيسيپينٽس هئا ۽ 3 عورتون هين. ٽي سي ايف جون سڀ عرتون پارٽيسيپينٽس هيون. انهن ۾ ڪجھ مسلمان ۽ ڪجھ هندو پارٽيسيپينٽس هئا.

اسان هر ڏينهن جي شروعات دعا ۽ پوجا سان ڪندا هئاسين.

هر ڏينهن پنهنجي پاڻ ۾ هڪ نئون تجربو هيو. پهرئين ڏينهن اسان MTB-MLE جي فلسفي کي متعارف ڪرايو جنهن ۾ اسان ڏٺو ته سڀ پارٽيسيپينٽ ڪجھ حد تايئن ان فلسفي سان راضي هئا پر ڪڏهن ان ڳالھ کي سامهون کان ٻڌي مڃڻ جو موقعو نه مليو هيو. هي اهو وقت هيو جنهن ۾ هنن ان ڳالھ کي دل سان قبول ڪيو ته ٻار جي لاءِ شروعاتي سالن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ پڙهائڻ ضروري آهي. اسان کي سڀني پارٽيسيپينٽس جا پنهنجا سوال ۽ والدين جي ناراضگي جي خدشي ۽ فقر کي سمجھي ڪري پوءِ جواب ڏيڻو پئي پيو. ڪجھ جواب ته اسان وٽ پاڻ وٽ به نه هئا جيڪي ڪا انوخي ڳالھ نه آهي.

اسان اهئي 9 ڏينهن ڏٺو ته سڀ پارٽيسيپينٽس الاهي پُر جوش ۽ نيون شيون سکڻ لاءِ متحرق هئا. ان سان گڏو گڏ انهن جي سوچ ۽ سمجھ به ڪافي وسيع هئي پر هنن کي دنيا ۾ نيون شين جي ڄاڻ  ڪجھ حد تائين هئي جنهن جي ڪري انهن جا سوال ۽ خدشات ڪافي حد تائين ظاهر پئي ٿيا. اهيو سڀ ڏسي ڪري اسان فيسيليٽيٽر کي ننڍا ننڍا فيصلا جلدي ڪرڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان کي سرگرمي به ملتوي ڪرڻي پوندي هئي. ۽ ڪڏهن وري ڪنهن سرگرمي کي وڌيڪ آسان ڪرڻو پوندو هئو.

مان ان ٽريننگ ۾ سٺا دوست ٺاهيا جيڪي هيئنر تائين مونکي ميسيج ڪري حال احوال پڇندا آهن.

منهنجي لاءِ سڀني پارٽيسيپينٽس سان هڪ رشتو هجڻ، احساس ۽ اعتماد هجڻ لازمي آهي ۽ ان لاءِ مان پنهنجو وقت هر پارٽيسيپينٽ سان ڳالهائڻ انهن کي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ لاءِ حوصلا افذائي ڪرڻ ۾ لڳايو. ان لاءِ سڀ پارٽيسيپينٽس مونسان ڪافي حد تائين ملي جُلي ويا هئا.

ٻولي جي سکيا ۽ EYRD جي سيشنز ۾ انهن جي ذاتي تجربن کي ڏسي، سمجھي ۽ ان کي سرگرمي سان ملائڻ آسان نه هيو پر هو سڀ ايڏا پُر جوش ۽ حقيقت پسند هئا جو انهن کي هي سڀ نيون شيون مڃڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ڪو وڏو مسلو نه لڳو.

ايئن ئي انهن اسان کان ۽ اسان انهن کان گھڻو ڪجھ سکيو. انهن جا ذاتي تجربا جيڪي اسان جي ماڊيول ۾ نه ٿا اچي سگھن، مان سکيو ته سنيڪ ٽائيم ۾ هندو ۽ مسلمان ڪيئن گڏ ويهي کائي سگھن ٿا، ڪيئن چوائس ٽائيم ۾ ٻار پاڻ ۾ وڙهي ڪري، وري دوست ٿي سگھن ٿا، نيوز پيريڊ ۾ ٻارن جا احساسات ڪيئن پُڇي سگھجن ٿا.

هنن وٽ زندگي جا وڏا تجربا هئا جيڪي هنن اتي سيکارڻ جي دوران يا ان کان پهريان حاصل ڪيا هئا.

منهنجي لاءِ هي سڀ پارٽيسيپينٽس هڪ نئين ۽ معني خيز تجربي جيان هئا. انهن جو اعتماد ۽ پيار ڏسي مونکي لڳو ته نيون شيون سکڻ جو چاھ هجڻ ۽ انهن کي دل سان مڃڻ ئي تبديلي جي شروعات ٿي سگھي ٿي. هنن ڪنهن به شيءَ تي جلدبازي ۾ ردعمل نه ڏنو هيو. هو پنهنجا خيالات ٻڌائڻ ۾ به جلدبازي نه ڪندا هئا، هنن وٽ ڪنهن ڳالھ جي جلدي نه هئي. انهن جي لاءِ زندگي ۾ سڪون جو نسخو ئي آرام سان هر ڪم ڪرڻ هيو، چاهي اهو سوچڻ هجي يا ڳالھ ٻولھ ڪرڻ هجي يا ردعمل هجي انهن کي ڪا به جلدي نه هئي.

هن ٽريننگ منهنجي پنهنجي ذاتي زندگي تي مثبت اثر آندو آهي. مان هاڻي عملي طور سوچڻ لڳي آهيان.

ان خوبصورت سفر جو اختتام افسرده هيو پر ان اميد سان اڳتي وڌياسين ته هي سلسلو هاڻي جاري رهندو.

اسان خميس جي ڏينهن 24_09_2020 تي (12 ڏينهن کان پوءِ) واپس ڪراچي پهتاسين.

 

No comments:

Post a Comment