زندگي جي خوبصورت صفر ۾ وقت شين جڳھن ۽ ماڻھن سان ملي ڪري احساس ٿيندو آھي تـه ڪنھن جڳھ ۽ وقت تي ڪھڙي شيءِ ۽ احساس زندگي ۾ رونق ڀري آھي ـ مان ھميشـ پنھنجي ماضي ۾ جھاتي پاـٔي ڏسندي آھيان ۽ گھڻو وقت ماضي ۾ ئي رهندي آهيان. ان جو ھڪ وڏو سبب اهو آهي ته ماضي ترسي سگھي ٿو پر حال نه. جيڪي شيون گھڻي وقت تائين توهان سان گڏ رهي سگھن ٿيون، توهان جي انهن سان وابستگي ۽ مانوس ٿيڻ خوشي بخشيندڙ موقعن مان آهي.
جڏهن به ماضي جي خوشي ۽ پُر جوش لمحن تي نظر وجھندي آهيان ته دل ۾ سوچيندي آهيان ڪاش اهي لمحا ترسي پون هان، ٿورو وقت اڃان به گڏ هجن هان.
انهن سوچن ۾ ئي دل اداس ٿي ويندي آهي پر ماضي پوءِ به اتي ايئن ئي مون کي ڀاڪر پائي ويٺو هوندو آهي.
Past stay forever,
Present is never there,
Future is nowhere.
No comments:
Post a Comment