اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
‘‘آڪاش انصاري’’
نه ڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو
نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اجھامو
نه سورن جي شدت کان شولو بڻياسين
نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
دکاسين، جلياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
ڦاهي جا فندا چمڻ کان به وياسين
۽ دنيا جا ڌندا ڪرڻ کان به وياسين
نه تون ئي ملين ۽ نه ڪنهن جا ٿياسين
هتان کان به وياسين، اتان کان به وياسين
مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهاسين اڌورا اڌورا
دکن سان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو
سکن ۾ به من کي سڪون ڪو نه آيو
کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو
رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين
رُناسين، کلياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهاسين اڌورا اڌورا
طارق ٿي دنيا تياڳي سگھياسين
جهان جو به جھنجھٽ نه جھاڳي سگھياسين
عمر اڌ اڻ کُٽُ عبادت ۾ وئي
۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ وئي
خدا به نه مليو نه ان جي خدائي
اي آڪاش جندڙي ايئن وئي اجائي
۽ ڳولها جي رڻ ۾ رلياسين اڌورا
.......اسين بس رهاسين اڌورا اڌورا
one of my favorite poetry in sindhi.
ReplyDelete