ڪجھ ڏينهن اڳ سفر جي دوران هڪ گانو ٻڌي رهي هيم، استاد
بخاري جي شائري آهي. ان شائري ۾ انسان جي فطرت تي غور ٿيل آهي.
شائري آهي:
پيار درياه آه، درياه به لٽجي ٿو وڃي
نيٺ انسان آه، انسان به مٽجي ٿو وڃي
هسن آه باز مگر عشق وڏي آفت آه
پر ٻڌو ٿم ته ڪڏهن باز به جھٽجي ٿو وڃي
ها منڃان ٿو ته سڄڻ سڀني وصف سون آهي
پر غزب آه جو سچوسون به ڪٽجي ٿو وڃي
باز بندوڪ شڪاري جي ڇُٽي ٿي پوئتي
جو ڦٽي ٿو ته پاڻ به ڦٽجي ٿو وڃي
چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هٽي ويندي آه
گھور گھٽجي ٿي ته استاد به گھٽجي ٿو وڃي
.نيٺ انسان آه، انسان به مٽجي ٿو وڃي،
مان ٿورو بيچين ٿي ويم ته ڇا هر انسان اهڙي حالات مان
گزرندو آهي؟ پهرين جيڪا ڳالهه يا شيءَ پسند هوندي اٿس اها ڪجھ وقت کان پوءِ ناگوار
لڳندي آهي؟ اسان جي لاءِ سون، باز، هسن
يا انسان، پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو آهي. پر ان سڀ ۾ سامهون واري ماڻهو جو ڪهڙو ڏوهه جيڪو توهان سان بي
انتها محبت ڪري ٿو؟ شايد ان جي دل
۾ توهان جو متبادل نه ٿو اچي سگھي، يا شايد اهو انسان انهن چند انسانن ما هجي جيڪي
محبت جي آخري انتها تائين وڃي ڄاڻندا آهن.
انسان جي زندگي ۾
هر شئ يا ماڻهو لاءِ هم مخصوص وقت وقرر ٿيل هوندو آهي ۽ ان مقرر وقت کان پوءِ اهو
ماڻهو دل تان لهي ويندو آهي، شايد اسان ان کي پيار ختم ٿي وڃڻ چوندا هجون.
اسان سڀ اهڙي ڪشمڪش مان گزريا آهيون، هڪ سان واستا ۽
رشتا وڌائي پوءِ ڪو به بهانو ٺاهي انهن کي ڇڏي ڏيندا آهيون ڇو ته اسان جي ترجيح
وقت سان گڏ مٽجندي رهي ٿي. مان پوءِ اهيو سوچي وڌيڪ پريشان ٿيڻ لڳم ته جڏهن اسان
سڀ اهڙي حالات کي مشڪل سان منهن ڏئي نڪري ايندا آهيون ته پوءِ ٻين کي اهڙي حالات ۾
ڇو وجھندا آهيون؟ جڏهن ته اسان کي خبر به آهي ته هي الاهي مشڪل سفر هوندو آهي. اسان پاڻ ان کي جھيلي ٻين کي ڪيئن جھوڪي
ايندا آهيون؟
هر انسان ڪنهن ٻئي
انسان جي خوشي يا غم جو سبب هوندو آهي ۽ ان سلسلي کي برقرار رکندي اسان پنهنجي
پيارن کي تڪليفن ۾ جھوڪي وجھندا آهيون. شايد اهيو قدرتي عمل آهي.
خير استاد
بخاري جي احساسن کي سمجھندي انجي شائري کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ
جي سفر تي نڪتي آهيان. ڪجھ اهيو به احساس آهي ته شايد مان به ڪيترن جي تڪليف جو
بائث ٿي هوندم، اڳتي موقعو مليو ته پنهنجي غلطين کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندم.
No comments:
Post a Comment