Friday, April 9, 2021

نادان دل

 

نادان دل

مان جڏهن محبت جو نالو ٻڌو،

دل جي ڪنهن ڪناري تي هن جھاتي پائي ڏٺو،

ويجھو اچي پڇئين خوش ته آهين نه،

مون هاڪار ۾ وراڻيو،

پر وري هڪ نظر سان جائزو ورتئين،

ايئن لڳو ڄڻ هن کي منهنجي جواب تي يقين نه آيو،

مان وري هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي،

شايد مونکي خبر هئي ته،

هن منهنجي جواب کي نظر انداز ڪري،

منهنجي اکين جي گھرائي کي ڏٺو،

وري هن منهنجي چپن جي مسڪراهٽ تي غور ڪيو،

۽ چيائين، محبت ۾ اکين ۾ لُڙڪ ۽ انتظار هوندي به،

جيڪا مسڪراهٽ چپن تي هوندي آهي،

اهائي اڳئين ماڻهو جو ساھ ڪڍڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي.

دماغ اهيو چئي، منهنجي نادان دل کي شڪست ڏني.

No comments:

Post a Comment