ها مان چري آهيان
ماڻهن جون ڳاليهيون ٻڌي سوچان ٿي،
انهن جي تانن تي غور ڪيان ٿي،
دل ۾ سئو شڪايتون سهي پر،
لفظن ۾ مٺاس رکان ٿي،
ڪڏهن ڪڏهن دل آزاري ڪندي هوندم
ڪڏهن ڪڏهن بي حد پيار ڏئي تلافي ڪيان ٿي،
مڃان ٿي زبان جي ڪڙوي آهيان
لهجي جي ڏنگي آهيان،
ها مان چري آهيان،
No comments:
Post a Comment